اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي عظيم ڪاميابي آهي جو ان کي رڳو ٽن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آه??، ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلا بحث هيٺ آهن، شرڪت ڪندڙن جون تقريرون جاري ??هن، پاڪستان جي هر شخص کي فخر هجڻ گهرجي ته اڄ پاڪستا?? مسلمان امت جي قيادت ڪري ??هيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جاري ??ه??، ڪانفرنس ۾ اٽڪل 32 پرڏيهي وزير ۽ 700 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ آهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ نمائندا اسان جي سياسي حالتن کي نظرانداز ڪري ??يا آهن جيڪي پاڪستان جي لاءِ عزت جو سبب آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مخالف ڌر پارٽين خاص طور تي انهن ماڻهن جن ڪانفرنس کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ڪاميابي سان جاري ??هي.