اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته عمران خان اسڪاٽ لينڊ يارڊ سميت جتان مرضي جاچ ڪرائڻ چاهي ٿو ڪرائي، اسان جي شرط رڳو اها آه?? ته عمران خان پاڻ جاچ ۾ شامل ٿيندو ۽ الزامن جا ثبوت فراهم ڪندو، پاڪستان جي عوام رڍون ٻڪريون نه آه?? جو عمران خان ڪوڙ ڳالهائيندو ۽ اهي ان کي سچ سمجهي وٺندا، اهو وقت ختم ٿي چڪو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خان جي لانگ مارچ ۾ ڪالهه جي واقعي جي سمورين اتحادي پارٽين مذمت ڪئي، اسان پاڪستان جي سياسي ميدانن کي خوني ميدان بڻجڻ نه ڏينداسين، پاڪستان جي سياست اهڙي طرح جي واقعن ??ي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياست رت وهائي نه ٿي ڪري سگهجي، وزيراعظم شهباز شريف سڀ کان اڳ عمران خان جي لانگ مارچ تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي هدايت ڪئي ته هو واقعي جي جاچ ۾ پنجاب حڪومت کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪري. هن چيو ته بقول ڊاڪٽر، عمران خان کي چار گوليون لڳيون، ان جي ٽنگ جي هڏي ۾ فريڪچر ٿيو، ان افسوسناڪ واقعي ۾ هو زخمي ٿيو، عمران خان جو هڪ آپريشن به ٿيو آه?? ۽ اڄ عمران خان صاحب کي ٽي وي تي ڏسي اطمينان ٿيو. هن چيو ته عمران خان شوڪت خانم جي وسيلن کي پنهنجي سياست جي لاءِ اهڙي طرح استعمال ڪيو جهڙي طرح هن فارن فنڊنگ جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪري خيرات جو پئسو پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان بيماري جي حالت ۾ به ڪوڙ ڳالهائڻ نه ڇڏيو، هي ڊرامو ۽ ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن ??ي بيوقوف بڻائڻ چاهي ٿو، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائيندو ۽ عوام ان کي سچ سمجهي وٺندي، اهو وقت هاڻي ختم ٿي چڪو آه??. هن چيو ته عمران خان جو نظريو رهيو آه?? ته ايترو ڪوڙ ڳالهايو جو اهو سچ لڳڻ لڳي، هي پنهنجي ڪهاڻي اتان شروع نه ٿو ڪري جڏهن 2018ع ۾ آر ٽي ايس ويهاري کيس مڙهيو ويو هو، عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ ملڪ ۾ معاشي تباهي ڪئي، غريب جو پيٽ ڪاٽيو، غريب کي غريب تر ڪيو، دوست ملڪ ناراض ڪيا، ان جي دور ۾ مافياز جو راڄ هو، اٽو، کنڊ، بجلي، گئس، دوائون چوري ڪري ڌاڙا هنيا ويا، عمران خان پنهنجي ڪهاڻي ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر نه ٿو ڪري. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ڪهاڻي 7 مارچ کان شروع ڪري ٿو جڏهن هن بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ ۽ پنهنجي اق??دار ??ي بچائڻ جي لاءِ چيف آف آرمي اسٽاف ??ي بند ڪمري ۾ تاحيات اڻڄاتل مدي جي لاءِ توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان موجب کيس 7 مارچ تي سائفر جي اطلاع ملي ته هن 8 مارچ تي ڇو نه ٻڌايو ته ٻاهرئين سازش ٿي رهي آه??؟ عمران خان کي جڏهن خبر هئي ته ٻاهرئين سازش ٿي رهي آه?? ته هن اسيمبليون ڇو نه ختم ڪيون؟ ڇو چونڊن جو اعلان نه ڪيو، عمران خان پنهنجي اق??دار ??ي بچائڻ جي لاءِ ادارن کي منٿون ڪندو رهيو. جڏهن ادارن فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ادارن جي ڪا مداخلت نه هوندي ته هي شخص ان جي خلاف ٿي ويو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ٻاهرئين ملڪ سازش جو ڊرامو رچايو، ان جو سائفر، آمريڪي سازش، ٻاهرئين ملڪ سازش، رجيم چينج جو بيانيو ناڪام ٿي ويو، آڊيو ليڪ ۾ عمران خان پاڻ چيو ته سائفر سان کيڏڻو آه??، هن پنهنجي مفاد خاطر سائفر جا منٽس تبديل ڪيا، عمران خان جي اها ڪهاڻي ان جي زباني پاڪستان جي عوام ٻڌي آه??. هن چيو ته عمران خان سينيٽ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي چونڊن ۾ ضميرن جا سودا ڪيا، آڊيو ليڪ ۾ عمران خان چيو ته مون ٻه ميمبر خريد ڪري ورتا آه?? ۽ ٻن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو، عمران خان اهو به چيو ته غلط آه?? يا صحيح آه?? ان جي پرواهه نه ڪريو، ماڻهو خريد ڪريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ڪنهن سوداگيري ڪئي آه?? ته اها عمران خان ڪئي آه??، عمران خان ضميرن جا سودا ڪيا ۽ ٻين تي الزام هڻندو رهيو. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته مون کي خبر هئي ته مون تي قاتلاڻو حملو ٿيڻو آه??، عمران خان ڪڏهن چوي ٿو ته چئن ماڻهن منهنجي خلاف سازش ڪئي، پوءِ چوي ٿو ته چار نه ٽي ماڻهو آه??، عمران خان بيانيو گهڙيو ته مون کي مارڻ جي سازش ڪئي وئي، عمران خان کي جيڪڏهن خبر هئي ته ان جي خلاف قاتلاڻي حملي جي سازش ٿي رهي آه?? ته هن معصوم ماڻهن جي جانين جو نقصان ڇو ڪيو؟ جڏهن عمران خان کي خبر هئي ته اهڙي قسم جو واقعو ٿيڻو آه?? ته پنجاب حڪومت کي ڇو نه ٻڌايو؟ مقتول معظم جا ٻار پنهنجي والد جو رت ڪنهن جي هٿ تي تلاش ڪن؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪالهه جي واقعي ۾ 14 ماڻهو زخمي ٿيا، عمران خان کي لڳندڙ چار گولين جي آپريشن به ٿي وئي، هو هوش ۾ به اچي ويو پر ان سان گڏ زخمي ٿيندڙ ٻيا 14 ماڻهو شوڪت خانم اسپتال ۾ داخل آه??.؟ ڇا انهن ماڻهن وٽ پنهنجي علاج جي لاءِ خر?? آهي؟ وزيراعظم انهن ماڻهن جي لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو آه?? پر عمران خان انهن ماڻهن جي لاءِ ڇا ڪيو آه??؟ ڇا ڪنهن کي خبر آه?? ته اهي ماڻهو ڪهڙي اسپتال ۾ داخل آه??؟ عمران خان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ انهن ماڻهن جو ذڪر تائين نه ڪيو. هن چيو ته عمران خان الزام هڻي رهيو آه?? ته ٽن ماڻهن ان تي قاتلاڻي حملي جي سازش ڪئي، عمران خان الزام ته هڻي رهيو آه?? پر ڪنهن قسم جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري رهيو آه??. هن چيو ته عمران خان اڳ ۾ به شهباز شريف تي ڪرپشن جا الزام هنيا، راڻا ثناءُ الله تي قتل جو الزام هنيو ۽ پرچو هيروئن رکڻ جو ڪاٽيو ۽ پوءِ هڪ ثبوت تائين پيش نه ڪري سگهيو. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير عمران خان جو، گهرو وزير عمران خان جو، پوليس عمران خان جي، لانگ مارچ واقعو به پنجاب جي اندر ٿيو، جوابدار کي پنجاب پوليس گرفتار ڪيو، پنجاب جي پوليس جوابدار جو بيان رڪارڊ ڪرائي ميڊيا کي ريليز ڪيو، ان جي باوجود عمران خان چوي ٿو ته واقعي جي جاچ ان وقت تائين نه ٿي ٿي سگهي جيستائين ٽي ماڻهو استعيفيٰ نه ٿا ڏين. هن چيو ته واقعو پنجاب ۾ ٿئي ٿو جنهن جي ذميوار به پنجاب حڪومت آه?? ۽ عمران خان استعيفيٰ اسان کان گهري رهيو آه??. هن چيو ته عمران خان واقعي جي جاچ دنيا جي ڪنهن به ايجنسي کان ڪرائي، پنجاب جي اندر فرانزڪ ليب کان ڪرائي پر جاچ ۾ پيش ضرور ٿئي. هن چيو ته ڪالهه جي واقعي کانپوءِ عمران خان ٽن ڪلاڪن جو سفر ڪري علاج جي لاءِ شوڪت خانم اسپتال ويو، پنجاب حڪومت جي ڪنهن اسپتال مان ميڊيڪو ليگل نه ڪرايو ۽ نه ئي ڪنهن جڳهه پوليس کي پهچ ۽ بيان ڏنو. هن چيو ته عمران خان ٻن چينلز جي ڪئميرائن آڏو اچي ويهي الزام هڻندو رهيو، عمران خان 8 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ڪري رهيو آه??، چار سالن تائين وفاق ۾ حڪومت ڪندو رهيو، هن پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف الزام هنيا پر هڪ ثبوت نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته عمران خان فرح گوگي، بشريٰ بي بي، ان جي ڌاڙن، زمينن ۽ هيرن جا سودا، ڪرپشن، فارن فنڊنگ تي پڙدو وجهڻ چاهيندو هو، توشه خانه جو رڪارڊ موجود آه??، رڪارڊ موجب عمران خان 5 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جي هيرن جو سيٽ وصول ڪيو، عمران خان گهڙيءَ خريد ڪري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي، ان جي وزيرن به توشه خان مان ڌارا هنيا، عمران خان 5 ملين ڊالر ماليت جو سيٽ فرح گوگي جي هٿان وڪرو ڪرايو. هن چيو ته عمران خان سائفر، فارن فنڊنگ، توشه خانه، مني لانڊرنگ جي ڪيسز ۾ مفرور آه?? ۽ ٻين کي چور چوي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي واتان صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ليڪچر سٺو نه ٿو لڳي، سندس دور ۾ صحافت ڪارو دور ڏٺو آه??، هن چار سالن تائين صحافين تي پابنديون هنيون، مير شڪيل الرحمان کي جيل ۾ وجهي ميڊيا جو وات بند ڪرڻ جو پيغام ڏنو، صحافين جا قلم کسي انهن جا پروگرام بند ڪرايا، عمران خان کي عالمي صحافتي ادارن پريڊيٽر چيو. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته ڇهه مهينن ۾ ان سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن سان ناهي ٿيو، ڇا عمران خان صاحب توهان جي ڌيءَ کي گرفتار ڪري توهان سان گڏ جيل ۾ بند ڪيو ويو؟ ڇا توهان جي پٽن کي گرفتار ڪري موت جي سزا جي چڪين ۾ وڌو ويو؟ هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن جي عزت خراب ڪري ٿو، عمران خان سمجهي ٿو ته هو عوام ??ي بيوقوف بڻائي وٺندو، ائين هرگز نه ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تي قاتلاڻو حملو پنجاب ۾ ٿيو جتي ان جي پنهنجي حڪومت آه?? ۽ هو استعيفيٰ شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ هڪ فوجي آفيسر کان گهري رهيو آه??. هن چيو ته عمران خان اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي گهرائي جاچ ڪرائي پر ان جاچ ۾ کيس پاڻ به شامل ٿيڻو پوندو، هو جيڪي الزام هڻي رهيو آه?? انهن جو ثبوت به کيس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان ننڍڙين ننڍڙين ٽولين سان وفاق تي حملو ڪرائڻ چاهي ٿو، اڄ جا منظر ميڊيا تي ويا آه?? اهي عمران خان جي فيٽف مان پاڪستان جي نڪرڻ جي خلاف جنگ آه??. هن چيو ته عمران خان شدت پسندي جي ذريعي ملڪ کي ورڇ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آه??، بشريٰ بي بي عمران خان جي سياست ۾ اسلامي ٽچ ڏيڻ جو چيو ۽ سياسي مخالفن کي غداري سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اسان جو مطالبو آه?? ته پنجاب حڪومت قانون موجب ڪالهه جي واقعي جي جاچ ڪري. هن چيو ته عمران نيازي جو مقصد ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ نه پر هو ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهي ٿو، هو پوليس آفيسرن تي دٻاءُ وجهي رهيو آه??، ان جي ڪارڪنن ٿاڻن ۾ ڌارا هنيا ۽ چيو ته عمران خان جي خواهش تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. هن چيو ته عمران خان جي خواهش تي پنجاب جو قانون نه هلندو، پنجاب جو قانون حقيقتن تي هلندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جتان مرضي جاچ ڪرائي پر ان جاچ ۾ پيش ضرور ٿئي، جيڪي الزام هو هڻي رهيو آه?? ان جو ثبوت ضرور ڏي. هن چيو ته عمران خان کي خبر آه?? ته جيڪڏهن واقعي جي جاچ ٿي ته ان جو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويندو. هن چيو ته عمران خان مذهب ڪارڊ کيڏڻ کان پاسو ڪري، هن ملڪ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيو?? آهن، سياست ڪريو، سياسي ۽ ملڪ دشمني نه، هو ملڪ سان خطرناڪ راند کيڏي رهيو آه??، جيڪو کڏو هو ٻين جي لاءِ کوٽي رهيو آه?? ان ۾ پاڻ ڪرندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي انتهاپسندي، انتشار، عدم برداشت تي گڏجي ويهڻو پوندو، ملڪ انهن خطرن ??ي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ گهيراءُ ڪيو ويو، هوٽلن جا شيشا ٽوڙيا ويا، ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عوام انهن جي خطرناڪ راند جو حصو نه بڻجي، هي شخص پنهنجي پاگل پن ۽ ذهني مرض ۾ مبتلا آه??. هن 2014ع ۾ به سپريم ڪورٽ، پارليامينٽ، پي ٽي وي تي حملا ڪيا ۽ هاڻي ٻيهر اهو ئي عمل ورجائي رهيو آه??. هن چيو ته عمران خان جو جتي دل ڪري ٿو جاچ ڪرائي پر ان جاچ جو حصو ضرور بڻجڻو پوندو، وفاق ان ۾ ڀرپور تعاون ڪندو.