ا??لا?? آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل جي پنهنجي غير??ست??ل ميمبرشپ جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. ڪشمير مي??يا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو ??لا??تي ڪائونسو جو ??ست??ل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي، ڀارت کي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ڏينهن ??لا??تي ڪائونسل جي بريفنگ ۾ پاڪستان جي خلاف ڀارت جي غيرضروري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪيو آهي، بدقسمتي سان ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه جي ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل جي پنهنجي غير??ست??ل ميمبرشپ ۽ 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي چيئر جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. ??لا??تي ڪائونسل ۾ ڀارت جو غير??ست??ل ميمبر طور غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو ??لا??تي ڪائونسل جو ??ست??ل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۾ ڪا بهتري نه ڏٺي وئي آهي ڇو ته اهو اڃا تائين فوجي گهيراءُ ۾ آهي ۽ اتي ڀار??ي ظلم ۽ ڏاڍ جاري اهي. عدالت کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري رکندي گذريل هفتي ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير جي ا??لا?? آباد ۽ شوپيان ضلعن ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ سهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي قابض فوج به بيگناهه نوجوانن کي پنهنجي حراست ۾ وٺي قتل ڪرڻ ۾ مصروف آهي، اها صورتحال پاڪستان جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ترجمان چيو ته اسان کي ڪشميري سياسي قيدين بشمول حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن بابت پڻ گهري ڳڻتي آهي. اهو ضروري اهي ته انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ انهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائيٽس واچ سميت انساني حقن جي 12 عالمي تنظيمن گڏيل طور تي انساني حقن جي اڳواڻ خرم پرويز جي فوري ۽ غيرمشروط آزادي جي لاءِ آواز اٿاريو آهي جيڪو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. هن چيو ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون پنهنجون سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بند ڪرڻ گهرجن، 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي منسوخ ۽ ڪشميري حريت اڳواڻن سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ گهرجي.