اسلام ??باد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه پاڪستان ۽ قطر جا ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ٻڌل آهي. اها ڳالهه هن ق??ر جي سفير سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ق??ر جي سفير قطر جي عوام ۽ قيادت پاران پاڪستان جي قيادت ۽ عوام ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو. هن ق??ر ۾ فيفا 2022ع ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي قطري قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن افرادي قوت جي شعبي ۾ قطر پاران ڪيل ذڪر جوڳي سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪري ورلڊ ڪپ ۾ مدد ڪرڻ تي خوشي ۽ اعزاز محسوس ڪري رهيو آهي. اها فخر جي ڳالهه آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال ”الرحلا“ ميڊ ان پاڪستان آهي. هن چيو ??ه پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد گڏيل مذهب، گڏيل اعتماد ۽ افهام ??فهيم ۽ ويجهي تعاون تي آهي. هن چيو ته قطر 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.