اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اٽلي ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته دفاع، زراعت، ا??فارميشن ٽيڪنالاجي سميت صنعتي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني آءِ ٽي ماهر پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات اٽلي ۽ يورپ ۾ فراهم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽلي جي لاءِ پاڪستا?? جي نامزد سفير علي جاويد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولي سگهجن ٿا، دفاع، زراعت، ا??فارميشن ٽيڪنالاجي سميت صنعتي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستاني آءِ ٽي ماهر پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات اٽلي ۽ يورپ ۾ فراهم ڪري سگهن ٿا، ا??لي ۾ پاڪستاني سفير ۽ سمورو ذيلي عملو پنهنجون توانائين پاڪستانين کي درپيش مسئل?? جي حل تي مرڪوز رکي، نامزد سفير اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ضروري مدد ۽ مشاورت جون خدمتون فراهم ڪري. هن چيو ته نامزد سفير پاڪستان ۾ چيمبرز آف ڪامرس ۽ پاڪستا?? جي وڏي صنعتي ۽ مينوفيڪچرنگ ادارن سان ويجهو رابطو رکي، صنعتي يونٽس پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ اطالوي سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، اطالوي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ سستي افرادي قوت، خام مال ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ اتلي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن خاص طور تي گڏيل قوم?? جي سلامت?? ڪائونسل ۾ سڌارن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا، پاڪستانين جو وڏو ان?? اٽلي ۾ رهي ٿو، ا??ه?? جي ڀلائي کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڀارت پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلمن، ڌمڪين، هراسگ، ڪمزور اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان بدسلوڪي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان ڀارت ۾ رهندڙ مسلمان?? جي جان ۽ مال کي سنگين خطرا آهن. هن چيو ته 2013ع ۾ ٻنهي ملڪن صحيحون ٿيل اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان ٻطرفي ۽ گڏيل تعاو?? جي فروغ لاءِ بهترين فريم ورڪ آهي. هن چيو ته نامزد سفير ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته اٽلي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو حصيدار آهي جڏهن ته هو دنيا ۾ پاڪستا?? جي 10 وڏن واپاري حصيدارن ۾ پڻ شامل آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ 1.3 ارب ڊالر جو واپار?? ڪاٿو انه?? جي حقيقي صلاحيتن موجب نه آهي، واپار?? ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس ڪوشش?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته اٽلي ۾ اتڪل 2 لک پاڪستاني رهن ٿا جيڪي اٽلي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري هيا آهن. هن انهن پاڪستاني?? جي ترجيحي بنيادن تي ڀلائي تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير روايتي معاشي سفارتڪاري جي ذريعي تعاون جا نوان موقعا خاص طور تي اسٽارٽس اپ جي لاءِ موقعا ڳوليندو.