اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم کي ??طر جي امير جو نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخ جي ڪامياب ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر کي ??بارڪباد ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انهن لاڳاپن کي ??وس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي ??عاون کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ??رجائيندي ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ افرادي قوت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. قطر نار خطي ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۽ قطر جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي ??عا??لن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.