اسلام آباد – 14 – ??يب??وري (اي پي پي) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل 15 ۽ 16 ??يب??وري تي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب رافيل ماريانوگروسي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي 15 کان 16 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. ڊي جي آ??ِ اي اي اي پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دور??ن اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو ۽ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو جن ۾ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبي جا ادارا شامل آهن. بيان موجب هي دورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي شعبي ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان 1957ع ک??ن ايجنسي جو باني ميمبر آهي ۽ آءِ اي اي اي سان پراڻو ۽ گڏيل طور تي فائديم??د تعاون ڪري رهيو آهي.