اس??ام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب وفد نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر اخوند، دفاع واري وزير مولوي محمد يعقوب مجاهد، گهرو وزير سراج الدين حقاني ۽ پرڏيهي وزير امير خان متقي سميت عبوري افغان حڪومت جي سينيئر قيادت سان م??اقات ڪئي. ترجمان م??جب خطي ۾ دهشتگردي خاص طور تي ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس ڪي پي پاران وڌندڙ خطري بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ڌرين مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران دهشتگردي جي خطري کي موثر طريقي سان م??هن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي اتفاق ڪيو. بيان م??جب ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي م??بو?? بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.