اسلام آ??اد – 27 –; مارچ (اي پي پي) بلوچستان ۾ وفاقي ادارن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ وزي??اع??م کي پيش ڪئي وئي آهي ۽ وفاقي ادارن جي اعل??ٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلوچستان ۾ 17 وفاقي ادارن جي اعل??ٰ آفيسرن جي ڊيش بورڊز جو جائزو ورتو ويو، صوبي ۾ وفاقي ادارن کي 11000 کان وڌيڪ شڪايتون مليون، 90 سيڪڙو حل، عوام پاران 37 سيڪڙو اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، بلوچستان ۾ سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جي حل ۽ وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي گورنر وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ موڪلي ۽ وفاقي ادارن جي اعل??ٰ آفيسرن جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، بلوچستان جي گورنر جي شڪايت تي وزي??اع??م ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وزي??اع??م ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل اعل??ٰ آفيسرن کي خط جاري ڪيو آهي. صوبي ۾ وفاقي ادارن جي اعل??ٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.