اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته قومي معاملن ۽ ??ئي?? ۽ قانون جي بالادستي جي لاء?? وڪيل برادري رهنمائي ڪري، بار ايسوسيئيشنز سياسي پارٽين ??ي وڏن سڌارن تي ويجهو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، چونڊ سڌارن، نيب آرڊيننس سميت ٻي اهم قانونسازي ۾ وڪيل ۽ بار ايسوسيئيشن جي ڪردار جي آجيان ڪنداسين، نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ بدران سڌارا تجويز ڪن، بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ وڪيل پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا، ان ڪردار کي قومي معاملن ۾ به اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر احسن ڀون جي قيادت ۾ نئين ??ونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي لاء?? وڪيل برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهڻ گهرجي، بار ايسوسيئيشنز کي عدليه ۾ التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون. هن چيو ته انصاف کانسواءِ تر??ي يافته معاشرو قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسان وڪيل برادري کي درپيش مسئلا حل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين ??يو ته وڪيل برادري جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن کي تازين ??ونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.