اسلام آباد – 23 R11; مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ان کي جلد تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وار?? آهيان، 27 مارچ جو جلسو تاريخي هوندو، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، بي اعتمادي واري مئچ اسان کٽينداسين، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني فوج نه هجي ته ملڪ 3 حصن ۾ ورهائجي وڃي، پاڪ فوج ملڪ جو سڀ کان ??يمتي اثاث?? آهي، فوج کي غلط تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. هن چيو ته فضل الرحمان سياست جو 12 هون رانديگر آهي، فضل الرحمان جو هاڻي ٽيم کان ??اهر ٿيڻ جو وقت ٿي وي?? آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سياست چوري ۽ چوري لڪائڻ آهي، اها ڪنهن جي غلط فهمي ٿي سگهي ٿي ته آئُون گهر ويهي رهندس، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، ڇا چورن جي دٻاءُ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان. هن چيو ته چوڌري نثار سان ??لاقات ٿي آهي، ان سان 40 سال پراڻو تعلق آهي. وزيراعظم چيو ته ويڙهه کان اڳ هٿ کڻي ??ڏيان، بي اعتمادي واري مئچ اسان کٽينداسين، مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ شو ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر کي تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وار?? آهيان، انهن کي پاڻ خبر نه آهي ته انهن سان انهن جا ڪيترا ماڻهو رهجي ويندا. هن چيو ته 27 مارچ جو جسلو تاريخي هوندو.