اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ 2023ع تائين انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته عمران خان شهباز ش??يف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي، عمران خان کي خبر آهي ته شهباز ش??يف انهي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندو رهيو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شهباز ش??يف معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن کي اها به خبر آهي ته شهباز ش??يف سمورن ملڪن کان خراب لاڳاپن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته شهباز ش??يف کي ڪم ڪرڻ ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري واپس آڻيندو، شهباز ش??يف انشاءُ الله نوجوانن کي روزگار ڏيندو. هن چيو ته احتساب، مديني جي رياست، سازش جا بيانيا دفن ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جو نئون بيانيو ڏيڍ مهيني جي ڪارڪردگي بڻجي ويو آهي، هن چيو ته پنهنجي نالائقي، نااهلي، ڪرپشن ۽ سياسي منافقت جو چهرو آئيني جي سامهون ڏسي ۽ پوءِ تقرير ڪندو وڃي، ماٺ ڪري گهر ويهو ۽ 2023ع ۾ وڌيڪ رد ٿيڻ جو انتظار ڪيو، و??اقي وزير چيو ته شهباز ش??يف توهان جي ت??اهه ڪيل معيشت سنڀاليندو ۽ توهان ??ي پکيڙيل فتني جو به خاتمو ڪندو. عمران خان 2014ع ۾ ڪنٽينر تي به نواز ش??يف ۽ شهباز ش??يف، حڪومت ۾ به نواز ش??يف ۽ شهباز ش??يف ۽ پوءِ ڪنٽينر تي نواز ش??يف ۽ شهباز ش??يف جي خلاف ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته شهباز ش??يف عمران خان جي ت??اهه ٿيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي، ان جي لڳايل مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي ت??اهي جي باهه شهباز ش??يف وسائي رهيو آهي، چار سالن ۾ معاشي ت??اهي ۽ مهانگائي آڻيندڙ لاڏلو ڏيڍ مهيني جو حساب گهري رهيو آهي. اي پي پي/ر – م/ش – چ 19:45