اسلام آباد – 03 – جو?? (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جو?? ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي، پاڪستان جي هٿياربند فوج امن، داخلي ۽ خارجي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي ضامن آهي، عالمي امن ڪوششن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??ال??ج ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??ال??ج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ وزيراعظم ش??با?? شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس 2021 / 2022 ۾ شرڪت ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم ش??با?? شريف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪاميابين ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جو?? ڪاميابيون بي مثال آهن جنهن جو سڄي دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي. هٿياربند فوج قدرتي آفتن دوران قوم جي خدمت ۾ سدائين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم ش??با?? شريف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند انتهائي اهم رياستي ادارو آهي ۽ قوم جو فخر آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته ملڪ جو دفاع مقدس آهي، پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ سالميت کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي آزاد?? هيروز ۽ شهيدن جي عظيم قربانين جي مرهون منت آهي.