اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي حڪم??ان پارٽي بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي حوالي سا?? گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري اينتونيوگوتريس سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي ڀارت ۾ جاري اسلامو فوبيا قدمن خاص طور تي تازو ئي حضور ﷺ جي باري ۾ بي جي پي جي ٻن سينئر عهديدارن پا??ان توهين آميز ريمارڪس کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح ڄاڻي واڻي ڪيل اشتعال انگيزي سا?? سڄي دنيا جي اربين مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتو آهي، هن جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو ڀارت ۾ نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ان جي گستاخاڻي ريمارڪس جو نوٽيس وٺي، هن ڀارتي عملدا??ان پا??ان پرامن مظاهرين سا?? روا رکيل ناروا سلوڪ جي به مذمت ڪئي جنهن ۾ مظاهرين جي گهرن کي غير قانوني طور تي بلڊوز ڪرڻ به شامل آهي، جيڪي مسلمانن تي بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي اتحاد پا??ان مسلسل ظلم ۽ ستم جا تازا قدم آهن، پرڏيهي وزير ??يو ته بي جي پي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي عالمي مذمت جي باوجود بي جي پي جي اعليٰ قيادت ۽ ڀارتي حڪومت پا??ان واضح طور تي ان جي مذمت نه ڪرڻ انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هن ??يو ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس پنهنجي اسلامو بڪ ڪارروايون جاري رکيون آهن ۽ هو پرامن عوامي احتجاج کي طاقت جي وحشياڻي ۽ انڌي استعمال سا?? دٻائي رهي آهي، پرڏيهي وزير نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا تي گڏيل قومن جي موقف ۽ گڏيل قومن جي تهذيبن بابت اتحاد (يو اين اي او سي) جي اعليٰ نمائندن جي بيان جو ذڪر ڪندي جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي ۽ اسلامو فوبيا، زينو فوبيا ۽ ساڄي هٿ جي انتهاپسندي سا?? لاحق نئين ۽ اڀرندڙ خطري کي اجاگر ڪن، پرڏيهي وزير جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. پرڏيهي وزير ۽ جنرل سيڪريٽري اسلامو فوبيا جو موثر طريقي سا?? مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي جامع ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.