اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير وزيراعظم کي دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي ڪيگالي، روانڊا ۾ تازو ئي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت جي حوا??ي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي پاڪستان جي پرڏيهي معاملن خاص طور تي ريجنل ڊپلوميسي جي حوا??ي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي.