ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ چيو آهي ته ڀ??رت کي والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪ آڏو گوڏا کوڙڻڻا پوندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوري دنيا تسليم ڪري ورتو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ هلندڙ آزادي جي تحريڪ جي قيادت مقامي نوجوان ڪري رهيا آهن. آزادي جي تحريڪ وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط کان ??ضبوط ٿيندي پئي وڃي. احمد حسين ڊيهڙ چيو ته ڀ??رتي حڪومت ري??ست جي آبادي جي شڪل ۽ ڀارت ۾ اقليتي برادرين جي حقن کي تبديل ڪرڻ جي گمراهه ڪندڙ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته يورپ ۽ اتر آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جي پارليامينٽن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڀارتي ظلمن تي بحث ٿي رهيا آهن ۽ انهن ملڪن ۾ عوامي حمايت ڪشميرين سان گ?? آهي. هن چيو ته دنيا ان ڀارتي بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو سرحد پار کان رياستي دهشتگردي جو شڪار آهي پر وڏي پئماني تي تسليم ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ??اڻ دهشتگردي جو سڀ کان ??ڏو شڪار آهي جنهن ۾ ڀارت جي سرپرستي به شامل آهي. قومي اسيمبلي ميمبر چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ ۾ ساراهه جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.