اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) هاڻوڪين سانوڻي جي برساتن ۽ ملڪي سطح تي ٻوڏ جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ پوري ملڪ ۾ انسانيت جي تحفظ لاءِ قومي سطح تي ڀرپور ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس و??من ايسوسيئيشن (پفوا) هڪ فلاحي تنظيم هئڻ جي ناطي قدرتي آفتن دوران متاثرن جي مدد لاءِ انساني سرگرمين ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. ان سلسلي ۾ پفوا جي صدر بيگم ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ايئر فورس و??من ايسوسيئيشن ريجنل ايئر ڪمانڊز ۽ پفوا جي چيئر پرسنز سان گڏ پاڪ فضائيه جي سڀني ايئر بيسز تي ضرورتمند ماڻهن لاءِ عطيا، ڪپ??ا ۽ ٻيون ضرورت جون شيون جمع ڪرڻ جي حوالي سان پاڪ فضائيه جي سڀني ايئر بيسز جي مرڪزن تي پفوا رليف ڪيمپون قائم ڪيون آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس و??من ايسوسيئيشن جي ڪوششن ۽ پاڪ فضائيه جي عو??تن جي ڀرپور شموليت جي نتيجي ۾ گڏ ٿيل عطئي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک 83 هزار 883 رپيا مالي امداد طور 7100 مردن جا جوڙا، 9700 عو??تن جا ڪپ??ا، 10500 ٻارن جي ڪپ??ن کان علاوه 3400 گرم ڪپ??ا، 1200 ڪم??ل ۽ هڪ هزار بسترا شامل آهن. جيڪي پاڪ فضائيه طرفان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ قائم ڪيل فلڊ رليف ڪيمپن ۾ اماڻي پئي وڃي ته جيئن ضرورتمند ۽ متاثر ڪٽنبن تائين پ??چا??ي سگهجي.