اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي ملڪ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جيڪي قربانيون ڏنيون انهن جو مثال نه ٿو ملي، پور?? قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي ۽ قوم پاڪ فوج جي انهن عظيم جوانن کي سلام پيش ڪري ٿي جن ملڪ طرف ميري اک سان ڏسندڙن جو سينو تاڻي مقابلو ڪيو ۽ ملڪ جي عزت تي ڪا آنچ اچڻ نه ڏني. دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جدا جدا پيغامن ۾ اسپيڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي 1965ع جي انهن عظيم شهيدن جي ياد ڏياري ٿو جن ڀارت جي ڪڌن ارادن ک?? خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج جنهن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو ان ??و تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. اسپيڪ?? ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ پاڪ فوج جي موجودگي ۾ ڪو دشمن پاڪستان ??رف ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو ته دفاع جو ڏهاڙو انهن عظيم قربانين جي هڪ لازوال داستان ??هي جيڪا 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن ملڪ جي لاءِ وڙهندي پيش ڪئي. هن چيو ته مستقبل ۾ به جڏهن ملڪ تي ڪو مشڪل وقت آيو ته پور?? قوم 1965ع جي جنگ وانگر پنهنجي فوج سان گڏجي دشمن جو مقابلو ڪندي. هن 1965ع جي شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو ته پنهنجي فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن تي فخر آهي.