اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ملڪي سياست ۾ ت??دد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آه??. و??يراعظم چيو ته هن وفاقي گهرو وزير کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آه??. و??يراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي، وفاقي حڪ??مت پنجاب حڪ??مت کي سيڪيورٽي ۽ جاچ جي لاءِ هر ممڪن ت??اون فراهم ڪندي. هن چيو ته اسان جي ملڪي سياست ۾ ت??دد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي.