اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف گ??يل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پنهنجي گ??يل عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي ٻوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي امداد تي گ??يل عرب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيليئنٽ پاڪستان بابت شيخ محمد بن زيد النهيان کي آگاهه ڪيو ۽ ڪانفرنس ۾ يو اي اي کي اعليٰ سطح جي شرڪت جي لاءِ درخواست ڪئي. شيخ محمد بن زيد النهيان ڪانفرنس جي بنيادي ايجنڊا جي حوالي سان گ??يل عرب امارات جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گ??يل عرب امارات جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ 5 ڏهاڪن ک??ن ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گ??يل قدرن ۽ ثقافت ۾ مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گ??يل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ ک??ن وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.