اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پاڪس??ان ٽيليويزن جو سڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪس??ان ٽيليويزن وٽ سمورا اثاثا موجود آهن رڳو انهن کي بهترين طريق?? سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ پاڪس??ان ٽيليويزن جي ورچوئل اسٽوڊيو جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي سهيل علي خان ۽ پيمرا چيئرمين سل??م بيگ پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پي ٽي وي جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوششن سان پي ٽي وي ۾ آءِ ٽي رکندڙ سلوشنز استعمال ٿي رهيا آهن جيڪا جديد دور جي گهرج آهي. هن چيو ته ورچوئل اسٽوڊيو جو قيام پاڪس??ان ٽيليويزن جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، ان کي پاڪس??ان جي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پي ٽي وي نيوز صحيح خبرن سان گڏ هاڻي جديد اندا?? ۾ ??م ڪندو. ورچوئل اسٽوڊيوز بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته پاڪس??ان ٽيليويزن جو اس??يٽ آف دي آرٽ ورچوئل سيٽ قومي علائقائي ۽ عالمي خبرن سان گڏوگڏ موسم ۽ راندين جي خبرن ۽ حالات حاضره جي پروگرامن کي پڻ جديد انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪندو. پاڪس??ان ٽيليويزن پنهنجي 58 سالا سفر دوران ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪس??ان ٽيليويزن نيوز پنهنجي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو سان هاڻي عوام کي جديد انداز ۾ خبرون، تجزيا ۽ پاڪس??ان جي حقيقي موقف کان باخبر رکندو. ورچوئل اسٽوڊيو جي قيام سان قومي، علائقائي خبرون، سياست، ثقافت، تعليم، حالات حاضره ۽ عالمي معاملن جي حوال?? سان پي ٽي وي نيوز جا ناظرين جديد انداز ۾ آگاهه ٿي سگهندا. اسٽوڊيوز جي ذريعي موسم جي خبرن سان گڏوگڏ راندين جي ميدان ۾ پڻ ناظرين کي آگاهه رکيو ويندو. بهترين آڊيوز، هائي ڊيفينيشن، خوبصورت گرافڪس پي ٽي وي نيوز جي اسڪريم جو حصو هوندا.