اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته پاڪست??ن پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو. غيرملڪي نيوز چي???? کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان مڪمل اتفاق آهي ته جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي دهشتگردي درپيش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏ??ڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان افغان عبوري حڪومت تي به زور ڏنو ??هي ته اها عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ س??ن پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي دوستن جا ٿورا مڃيا جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد جو اعلان ڪيو آهي.