اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روڊ سيفٽي بابت شعور ۽ آگاهي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قيمتي جانين کي بچ??ئڻ جي لاءِ ٽر??فڪ قانونن تي عملدرآمد ضروري آهي، وڌندڙ آبادي ۽ گاڏين ۾ اضافي سبب قدرتي ماحول متاثر ٿي رهيو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار روڊ سيفٽي بابت پارليامينٽرينز جي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام انٽرنيشنل پارليامينٽرينز ڪانگريس (آءِ پي سي) يورپي يونين جي مالي مدد سان هلندڙ منصوبي مستحق پارليامينٽ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جي حصيداري سان ڪيو هو. ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان پارليامينٽرينز، سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، يورپي يونين جي نمائندن، غيرملڪي سفارتڪارن، ملڪي ۽ غيرملڪي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته ??سان کي پنهنجي آبادي جي لحاظ سان ٽرانسپورٽ جي ضرورت کي ڏسڻ گهرجي، روڊ سيفٽي جي حوالي سان تجويزن جي آجيان ڪنداسين. ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازن تي زور ڏنو ته ??هي روڊ سيفٽي جي جامع پروگرامن کي قومي منصوبابندي ۾ شامل ڪن. هن روڊ سيفٽي تي موثر قانونسازي ڪرڻ ۾ پارليامينٽرينز جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ڪميونٽيز کي بهتر لاڳو ڪرڻ بابت آگاهي ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته ??وڊن تي ٽر??فڪ جي ماپي ۾ اضافي کانپوءِ قيمتي جانين کي بچ??ئڻ جي لاءِ حفاظتي قدمن کي يقيني بڻ??ئڻ جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن روڊ استعمال ڪندڙن کي مشورو ڏنو ته ??هي ٽر??فڪ حادثن کان بچڻ جي لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي چوڪس رهن. صدر گاڏي هلائيندڙن کي نظم ۽ ضبط خاص طور تي سيٽ بيلٽ جي استعمال ۽ موٽرسائيڪل سوارن جي لاءِ هيلمٽ پ??ئڻ تي به زور ڏنو. هن چيو ته ٽر??فڪ حادثن ۾ فوتگيون خاندانن جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ هونديون آهن. هن چيو ته نگراني ڪندڙ ڪئميرائن جي ذريعي ٽر??فڪ قانونن تي عملدرآمد روڊ محفوظ بنيادي ڍانچي ٽر??فڪ جي آساني سان سمجهڻ وارين تصويرن ۽ گاڏين جي مناسب جانچ سان حادثن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته ??وڊ تي گاڏي هل??ئڻ کان اڳ سيفٽي جو خيال رکڻ گهرجي. موٽرسائيڪل هلائيندڙ هيلمٽ جو استعمال ضرور ڪن، روڊ حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ قانونن تي عملدرآمد به لازمي آهي. ان جي نتيجي ۾ روڊ حادثن ۽ انساني جانين جي زيان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي روڊ سيفٽي ڪانفرنس فار پارليامينٽرينز جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪانفرنس سان ماڻهن ۾ شعور ۽ آگاهي وڌڻ ۾ مدد ملندي. دونهين وارين گاڏين کي روڪڻ تمام ضروري آهي. صدر چيو ته ??نيا کي ڪورونا وبا ۽ گلوبل وارمنگ درپيش رهيا آهن.