اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتڪارن، سرنديءَ وارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ فنڊ ريزنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم پا??ستان جي سرنديءَ وارن ماڻهن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي وزيراعظم ترڪيه ۽ شام بابت زلزلي متاثرين فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وزيراعظم چيو ته پا??ستاني عوام زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي شيون اين ڊي ايم اي کي ڪليڪشن سينٽر تي جمع ڪرائي سگهي ٿي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پا??ستان ترڪيه جهڙي پنهنجي پراڻي دوست سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي امدادي ڪاررواين کي منظم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ويندي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪميٽي جا ميمبر ??ون??ا. تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ پا??ستان جا ترڪيه ۽ شام ۾ سفير ۽ خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي به ڪميٽي جا ميمبر ??ون??ا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس، امدادي سامان جي ترڪيه ۽ شام ترجيحي بنيادن تي پهچ کي يقيني بڻائي. پا??ستان مان ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ زميني، فضائي ۽ سامونڊي رستن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويندو. اين ڊي ايم اي هنگامي بنيادن تي پا??ستان جي هر ضلعي ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امداد گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪليڪشن سينٽر ٺاهي. اين ڊي ايم اي سمورين صوبائي حڪومتن کان امدادي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ رابطن کي وڌائي. يقيني بڻايو وڃي ته ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ موڪليل سامان معياري هجي، ڪمبل، گرم ڪپڙا، ٻارن جي خوراڪ ۽ خيمن جو فوري بندوبست ڪيو وڃي. ترڪيه 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ ۾ پا??ستان جي هر قسم جي مدد ڪئي. محدود وسيلن جي باوجود پا??ستان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي امداد ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو. پا??ستان امدادي سامان موڪلڻ جي لاءِ ايئر ڪوريڊور قائم ڪري ڇڏيو آهي. جلد پا??ستان مان امدادي سامان جي ٽرڪن جو قافلو به ترڪيه ۽ شام روانو ٿيندو. پا??ستان پاران 30 بسترن تي ٻڌل ??وب??ئيل اسپتال لاءِ ٽيم ۽ سامان به ترڪيه پهچي ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ٻي ??وب??ئيل اسپتال به عملي ۽ سامان سميت رواني ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثرين جو آواز پا??ستان تائين پهچائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سندس ٽيم ۽ پا??ستاني ميڊيا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پا??ستان ايئر فورس، پي آءِ اي ۽ اين ڊي ايم اي جي ان آپريشن ۾ ڀرپور شموليت به ساراهه جوڳي آهي. پا??ستان جون ريسڪيو ٽيمون ۽ پا?? فوج جون ٽيمون به ترڪيه ۾ بهترين طريقي سان امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺ?? رهيون آهن. سڄي پا??ستاني قوم کي اپيل آهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ جيتري قدر ٿي سگهي پنهنجي مسلمان ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪن. اجلاس کي ترڪيه ۾ پا??ستان جي سفير زلزلي سان تباهي جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان جي امدادي ڪوششن ۾ بهتر ڪردار کي ساراهيندي کيس هدايت ڪئي ته هو ترڪ حڪومت ۽ پا??ستاني ادارن جي وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پا??ستان پاران نه رڳو امدادي سامان ۽ ريسڪيو ٽيمون هن وقت ترڪيه ۽ شام پهچي چڪيون آهن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هٿ ونڊرائي رهيون آهن. جڏهن ته پي آءِ اي مسلسل اڏامن ذريعي لاهور ۽ اسلام آباد کان ترڪيه ۽ شام سامان جي پهچ يقيني بڻائي رهيو آهي. ٻئي طرف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٽرڪن جو قافلو ايران ذريعي امدادي سامان کڻي ترڪيه ۽ شام روانو ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ ملڪ گير آگاهي مهم جاري آهي. وزيراعظم جي زلزلي متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل فنڊ جي اڪائونٽ نمبر G-12166 ۾ امدادي رقم جمع ڪرائي سگهجي. جڏهن ته ٻئي امدادي سامان جو عطيو اين ڊيم اي اي جي ڪنهن به ڪليڪشن سينٽر ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ ۾ 13 ڪليڪشن سينٽر ٺاهي چڪو آهي. جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي ان ڪليڪشن سينٽر کي هر ضلعي ۾ توسيع ڏني پئي وڃي. گهربل امدادي سامان ۾ سرديءَ جي موسم جي لحاظ کان تينٽ، گرم ڪپڙا، ڪمبل، جوراب، ٻارن جي تيار خوراڪ وغيره شامل آهي. اجلاس کي پا??ستان پاران موڪليل ريسڪيو ٽيمن، امدادي سامان ۽ 30 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي موجوده ڪارڪردگي کان به آگاهه ڪيو آهي. زخمين جي علاج جي لاءِ پا??ستان پاران وڌيڪ هڪ هڪ ??وب??ئيل اسپتال ترڪيه ۽ شام رواني ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ترڪيه م پا??ستان جي سفير کانسواءِ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.