اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناله لئي منصوبي جي منظوري ??يندي فوري ??م شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ??ڏي آهي، منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پا??ن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پا??ٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم اها منظوري ناله لئي منصوبي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ناله لئي منصوبي جي منظوري ??ئي ڇڏي، ان منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پا??ن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي. سرڪاري زمين تي ٻه مال به ٺاهيا ويندا، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پا??ٽنرشپ ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم منصوبي تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.