اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??رچ??ءَ چيئرمين جي ملڪي معيشت بابت ڪوڙيون ڳالهيون عوام کي گمراهه نه ٿيون ڪري سگهن، جن کي آءِ ايم ايف جي قرضن جو درد آهي اهي سوئس بئنڪن ۾ پيل پئسو واپس کڻي اچن، ڪالهه جا اتحادي اڄ جا دشمن بڻجي چ??ا آهن، ماضي ۾ اين آر او وٺن??ڙ اڄ ٻيهر اين آر او جي ڳولا ۾ آهن، ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، بلاول ٻڌائي ته سنڌ حڪومت هيستائين ڪيتريون ويڪسين جون خوراڪون خريد ڪيون آهن، پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، سمورا اشارا مثبت اچي رهيا آهن، سمورن چئلينجز جي باوجود اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هو اطلاعات ۽ نشري??ت واري وزارت ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.