اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي نئين نظام کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، ان ج?? ڪري ڪمزور طبقن کي بنيادي ضروري شين جي خريداري ۾ مالي مدد فرا??م ڪئي ويندي، حڪومت ان حوالي سان سمورا مالي وسيلا فرا??م ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن کي حڪومت پاران سبسڊي فرا??م ڪرڻ جي حوالي س??ن متعارف ڪرايل نئين نظام تي بريفنگ ڏني وئي.