اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تحت ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. اها ڳالهه هن ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ سبسڪرپشن م??ڊل شروع ڪيو ويندو، ان م??ڊل سان ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. هن وقت اسان جي گهرن ۾ اينالاگ ڪيبل اچي رهي آهي جنهن جي ڪوالٽي نه هجڻ جي برابر آهي جڏهن ته ان ۾ چينلز جو انگ به گهٽ آهي. ڪيبل کي ڊيجيٽل??ئي?? ڪرڻ کانپوءِ چينلز جي ريٽنگ ۾ پڻ شفافيت سان گڏوگڏ چينلز جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. سبسڪرپشن م??ڊل جي فراهمي سان ڪيبل آپريٽرز کي مقامي ۽ عالمي مواد خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا ويندا جنهن سان انهن کي ڊيجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ سهولت ملندي ۽ اها رقم اهي صارفين کان وصول ڪري پنهنجي قرض جي رقم واپس ڪري سگهندا. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جي وفد اطلاعات واري وفاقي ??زير کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي ??زير ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد ۾ ايسوسيئيشن جو چيئرمين عرفان علي کوسو، صدر راجا اسد علي خان، جنرل سيڪريٽري غفران م??تبيٰ، سيڪريٽري اطلاعات ملڪ معظم سلطان، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن سنڌ جو صدر محمد اسماعيل جتوئي، ڊويزنل صدر خيرپور ذوالفقار جوڻيجو، ڏکڻ پنجاب جو صدر الياس وڙائچ، حافظ آباد مان ملڪ محمد وزير اعواڻ، حسن ابدال مان راجا عامر، ??يبل آپريٽرز ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه جو صدر فرقان آفريدي، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن ڪراچي جو خزانچي سعيد شاهه، سکر مان عبدالمقيم کوسو، سکر مان نويد ابڙو ۽ اسلام آباد مان زاهد ڀٽي شامل هئا.