اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪ??ر شهباز گل سان جرمن سفير برن هارڊ شليگ هيڪ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افعانستان سميت خطي جي مجموعي صورتح??ل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪ??ر شهباز گل جرمن سفير کي وزيراعظم عمران خان جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ح??وم?? جي ترقياتي منصوبن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جي طريقيڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊاڪ??ر شهباز گل جرمن سفير کي احتساب جي عمل ۽ گڊ گورننس بابت پڻ آگاهه ڪيو. جرمن سفير وزيراعظم جي ويزن ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ح??وم??ي ڪوششن کي ساراهيو. جرمن سفير برن هارڊ شليگ هيڪ ملاقات لاءِ آيو. افغانستان جي صورتحال، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تي جاري ڊيولپمينٽ پراجيڪٽس، ووٽنگ مشين، سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جي طريقيڪار ۽ ٻين اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. احتساب ۽ گڊ گورننس جا موضوع پڻ بحث هيٺ رهيا.