لاهور – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقب?? ۾ ??هڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. هو هتي ايمرجنسي سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ انٽرنيشنل والنٽيئرز ڊي جي موقعي تي ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ صحافين سان ڳا??هائي رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته پوليس واقعي جي ٻن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ان سلسلي ۾ 110 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪس??ان عالمي سطح تي ناموس رسالت ﷺ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام قانون کي هٿ ۾ نه کڻي ۽ رياست جي رٽ کي تسل??م ڪري. هن ماڻهن جي ذهنيت کي بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته واقعي جي حوالي سان ٺوس انڪوائري ڪئي پئي وڃي. تحريڪ لبيڪ پاڪس??ان (ٽي ايل پي) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين ان جو تعلق آهي موجوده حڪومت عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ڳا??هه ٻولهه جو آپشن چونڊيو.