اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??يڊ??ا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي، اي پي پي اطلا??ات واري وزارت جي ڊج??ٽل ??يڊ??ا ونگ ۽ آذربائيجان جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، فلم، ڊراما ۽ ميوزڪ جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اها ڳالهه ملاقات لاءِ آيل آذربائيجان جي سفير خضر فرحادوف سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت فلم، ڊراما، ميوزڪ ۽ ??يڊ??ا جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان گڏجي ظهير الدين بابر تي هڪ فلم تيار ڪئي پئي وڃي، اسان آذربائيجان سان گڏ به فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستاني ڊرامن جو ترجمو ڪري آزبائيجان جي عوام کي پيش ڪري سگهجي ٿو، اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سياحت لاءِ خوبصورت ۽ پرڪشش ملڪ آهي، آذربائيجان جي عوام فلم ساز ۽ ڊراما نگار پاڪستان جي سياحتي ماڳن مان فائدو وٺي سگهن ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته سڄي دنيا کي فيڪ نيوز جو چئلينج درپيش آهي، ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??يڊ??ا جي شعبن ۾ تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي، ??يڊ??ا جي شعبن ۾ تعاون خاص طور پاڪستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي، اطلا??ات واري وزارت جي ڊج??ٽل ??يڊ??ا ونگ ۽ آذربائيجان جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي حڪومت ملڪي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نه رڳو ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪيو پر سمارٽ لاڪ ڊائون پ??ليسي اختيار ڪندي ملڪي معيشت کي به مستحڪم بڻايو، اڄ سڄي دنيا وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي ساراهي ٿي، آذربائيجان جي سفير حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون پ??ليسي کي ساراهيندي چيو ته عالمي ??يڊ??ا به وزيراعظم عمران خان جي قدمن ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون پ??ليسي جون مثال دنيا جي سامهون پيش ڪيون، هن افغانستان جي باري ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪئي، خضر فرحادوف چيو ته افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پراميد آهن.