اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ورچ??ئل يونيورسٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سهولت لاءِ پنهنجي موجودگي وڌائي، ورچ??ئل يونيورسٽي جي دائري ڪار ۾ اضافي سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو ڪورسز ۽ اي لرننگ پروگرامن مان لاڀ پرائي سگهندا. مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ آن لائين تعليم ۽ تربيت کي ??رو?? ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچ??ئل يونيورسٽ?? بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ورچ??ئل يونيورسٽي جو ريڪٽر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ملڪ ۾ اي لرننگ جي ??رو?? ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته ورچ??ئل يونيورسٽي 2021ع ۾ 55 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏني جيڪا نمايان ڪاميابي آهي. يونيورسٽي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مقامي نوجوانن کي تعليم جي فراهمي لاءِ مقامي ڊگري ڪاليجز، يونيورسٽين ۾ ڪمپيوٽر ليبز قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي انتظاميه کي عالمي معيار موجب ڪورسز ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. صدر ملڪ ۾ اي لرننگ جي ??رو?? ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.