اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت ۽ ان س??ن جڙيل ٻين شعبن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪ????ير ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اطهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪ????ير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن س??ڻس مل??قا?? ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وادي ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي سان انفرااسٽرڪچر ۽ معيشت جي بهتري ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيد?? ٿيندا. آزاد ڄمون ۽ ڪ????ير جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خان کي آزاد ڪش??ير حڪومت جي جاري عوامي ڀلائي ۽ سياحت جي شعبي جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪش??ير ۾ احتساب ايڪٽ جي بحالي کي خوش آئنده قرار ڏيندي قانون جي بالادستي ۽ نظام ۾ شفافيت کي ملڪي ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو.