اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي، گڏيل قومون ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال ۽ خطي جي امن ۽ سلامتي بابت مستقل خطرن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. پنهنجي خط ۾ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن، جن ۾ قبضي هيٺ خطي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به شامل آهي، عالمي قانونن، گڏيل قومن ج?? منشور ۽ چوٿين ج??يوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ج?? کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ وسيع پئماني تي انساني حقن ج?? سنگين ۽ منظم خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين ۽ جعلي مقابلن ?? شهادتن ج?? تازي لهر کي اجاگر ڪيو. خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته ڀارت پاران گڏيل قومن ج?? انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس (او – ايڇ – سي – ايڇ – آر) کي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ آزاداڻي جاچ جي لاءِ پهچ ڏيڻ کان انڪار قابض ۽ جابر حڪومتن ج?? پنهنجي ڏوهن کي لڪائڻ ۽ جوابدهي کان بچڻ جهڙو روايتي حربو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آر ايس ايس، بي جي پي جي قيادت پاران پاڪستان ج?? خلاف جنگي جنون کي تيز ڪرڻ ۽ قومي جارحيت جي ڌمڪين ج?? حوالو ڏيندي داخلي سطح تي سياسي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ فالس فليگ آپريشنز جو ڊرامو رچائڻ جي ماضي جي ڀارتي طرزعمل کي بيان ڪيو.