اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سا?? چين جي هم منصب وانگ اي وفد سا?? گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ڪووڊ -19، يوڪرين ۾ جاري صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اهو چين پاڪستان دوستي لاءِ انتهائي اهم ڏينهن آهي، اهو موقعو ان لاءِ به اهم آهي ته چيني پرڏيهي وزير پهريون ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪر?? رهيو آهي، پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران سومر تي چين ۾ ٿيندڙ النماڪ هوائي حادثي ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي چيني قيادت ۽ عوام سا?? تعزيت جو اظهار ڪي??، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي گهري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سا?? تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيني هم منصب وانگ اي جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان جي قومي ڏينهن جي پريڊ ۾ شرڪت جي آجيان ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ملڪ سدائين هر نازڪ موڙ تي هڪٻئي جو ڀرپور سا?? ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت جي موقف ۾ هم آهنگي ۽ عزم جي ڪري سي پيڪ فيز 2 جي حوالي سا?? اعليٰ معياري ترقي جو خواب حقيقت جو روپ ڌار?? رهيو آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پائيد??ر امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪي??، پرڏيهي وزير رياستي ڪائونسلر وانگ اي کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڀارت جي غير ذميداراڻي رويي جي باري ۾ آگاهه ڪي??، 9 مارچ تي ڀارت پاران ”ميزائل فائر واقعي“ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هن ان واقعي جي حوالي سا?? گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط جي ذريعي پاڪستان جي ڳڻتي ۽ گڏيل جاچ جي مطالبي کان آگاهه ڪي?? ۽ چيو ته ڀارت جي غير ذميداراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن افغانستان کي معاشي بحران کان بچائڻ ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪي?? ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪي??، چيني پرڏيهي وزير وانگ اي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪي??.