اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته آصف زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به نه وڪامجندو، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندا، مخالف ڌر پيغام ڏنو آهي ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏينداسين پر قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته ت??ها?? کي اين آر او نه ملندو، مينار پاڪستان تي عمران خان گهراي?? ته سمنڊ اٿلي آيو ۽ اڄ ٻيهر پ??يڊ گرائونڊ ۾ قوم چئي رهي آهي ته وزيراعظم قدم وڌائي اسان توسان گڏ آهيون. پ??يڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي هن چي?? ته 27 مارچ تي پاڪستانين کي اسلام آباد آڻڻ جي دعوت جي تمنا منهنجي قائد ڪئي ۽ اڄ ٻڌائي ڇڏي?? ته قوم جاڳي چڪي آهي. 1947ع ۾ قائداعظم قوم کي جاڳاي?? ته پاڪستان ٺهيو، 1965ع ۾ قوم جاڳي، پشاور اي پي ايس حملي تي قوم جاڳي ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڄ قوم جاڳي آهي ته ڪجهه ضمير وڪامجن ٿا ته ڪجهه ضمير حسين جي للڪار وانگر بيهي رهن ٿا، آصف علي زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به وڪامجڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي قوم اڄ عوام جي ڪچهري ۾ سرخرو ٿي وئي ۽ ق??م عمران خان کي چئي ڇڏي?? ته اها ان سان گڏ بيٺل آهي، بيٺل هئي ۽ بيٺل رهندي. هتي ڪو ضمير فروش نه آهي. اڄ عمران جي بغض ۾ سڀ گڏ ٿي ويا. عمران خان جو ڳاٽ هي قوم ڪڏهن جهُڪڻ نه ڏيندي. مخدوم شاهه مح??ود قريشي چي?? ته اهي عمران خان کي پيغام ڏين ٿا ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، هو بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏيندا. قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته زرداري، نواز شريف، فضل الرحمان ت??ها?? کي اين آر او نه ملندو. پرڏيهي وزير چي?? ته وزيراعظم عمران خان چيو ه?? ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائيندس. هن چي?? ته اسلامو فوبيا ۽ گستاخي ڪندڙن جي خلاف قرارداد منظور ٿي آهي ۽ اهو اعزاز به پاڪستان ۽ ت??ها?? جي وزيراعظم جي حق ۾ وڃي ٿو. مخدوم شاهه مح??ود قريشي چي?? ته منهنجي سيني ۾ تمام گهڻا راز آهن، چاڪ ڪري ڇڏيان ته هي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهن پر آئون هڪ حلف جو پابند آهيان. وفاقي وزير چي?? ته مون پنهنجي ڪپتان کي آگاهه ڪري ڇڏي?? ته منصوبابندي ڪهڙي آهي ۽ ڪٿان ٿي رهي آهي، اها امانت مون ت??ها?? کي ڏئي ڇڏي آهي، قوم جڏهن ڪنڌ کڻي جيئڻ جو عزم ڪري ٿي ته مشڪلاتون اينديون آهن. هن شرڪت ڪندڙن کان وچن ورت?? ته ت??ها?? عمران جو ساٿ ڏيندا ۽ گهٻرائيندا نه. هن چي?? ته منهنجي ڪپتان 30 آڪٽوبر 2011ع تي مينار پاڪستان گهرايو هو ۽ ق??م آئي ۽ اڄ ٻيهر 27 مارچ تي پاڪستاني قوم اهو پيغام کڻي آئي آهي ته قدم وڌائي عمران اسان توسان گڏ آهيون. هن چي?? ته قوم چئي رهي آهي ته اسان کي کپي پراڻو خان ۽ نئون پاڪستان. ضمير فروشن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي.