ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) روينيو واري صوبائي وز??ر مير سڪندر خان عمراڻي چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران ڪش??يري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن، اسان ڪش??يري عوام تي ظلم ۽ تشدد جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي ا??لاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. 5 آگسٽ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ بلوچستان جي روينيو واري وز??ر چيو ته ڀارت سمورا انساني حق لتاڙيندي ڪش??ير جي علائقي ۾ زبردستي پنهنجي فوج داخل ڪئي ۽ اتان جي عوام کي پنهنجي خودمختياري جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذرڻ جي باوجود ڪش??يري عوام جهڙي طرح ڀارتي سرڪار جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، بزرگن، جوانن، عورتن ۽ ايستائين جو معصوم ٻارن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به رڳو ان لاءِ ته اهي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن. مير سڪندر خان عمراڻي چيو ته ڪش??يرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت روزانو نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح والاريل ڪش??ير جي معصوم عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد لاءِ ڀارتي فوج جو مقابلو ڪري رهي آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله انهن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ امن ۽ خوشحالي سان هڪ نئين ۽ آزاد زندگي جو سفر شروع ڪندا. هن چيو ته عالمي دنيا جو فرض آهي ته اها به والاريل ڪش??ير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجي ته جيئن ڀارت تي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ته دنيا رياستي ڏاڍ جي خلاف ۽ والاريل ڪش??ير جي عوام سان گڏ آهي ۽ انهن جي ا??ولي موقف جي تائيد ڪري ٿي، والاريل ڪش??ير جي عوام هاڻي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري مان اميد لڳائي ويٺي آهي ته اهي انهن جي قسمت جو فيصلو حق ۽ اصولن جي بنياد تي ڪن ۽ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ کان انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارين.