فيصل آ??اد – 13 – آگسٽ (ا?? پي پي) پاڪستان جي آزادي جي لاءِ عالم سڳورن تاريخي ۽ شاندار ڪردار ادا ڪيو تنهن ڪري اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي ملڪي ترقي، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ جو وچن ڪرڻ ۽ موجوده حالتن ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي هڪ قومي ايجنڊا تي گڏ ٿيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان سني تحريڪ جي ڊويزنل صدر پروفيسر پير محمد آصف رضا قادري فيصل آ??اد ۾ سدا سلامت پاڪستان قيامت تائين پاڪستان ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آزادي جو حقيق?? مقصد اسلام جي اصول ۽ قانونن ج?? پيروي ڪرڻ آهي ۽ جيئن ته ملڪ پاڪستان نظرياتي بنيادن تي وجود ۾ آيو ان لا??ِ ان جي آزادي، خودمختياري ۽ ٻه قومي نظريي جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو. هن چيو ته پ??ري قوم پاڪستانين جي بانين جي ملڪ جي آزادي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي.