اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو آهي ته زندهه قومون پنهنجي ملڪ جي آزادي جو جشن تجديد عهد سان شڪراني جو سجدو ڪري ملهائينديون آهن. پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ هن چيو ته قوم کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته اسان کي آزادي جي اها عظيم نعمت پل??ٽ ۾ رکي پيش نه ڪئي وئي. ان آزادي جي راهه ۾ اسان جي بزرگن بي مثال قرب??ني??ن ڏنيون هيون. انهن کي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ۽ پنهنجي ج??ني?? جا نذرانا پيش ڪندي باهه ۽ خون جي درياءَ مان گذرڻو پيو. اها الله تعاليٰ جي رحمت ۽ رهنمائي ۽ مدد ئي هئي جنهن آزادي جهڙي عظيم نعمت سان اسان کي نوازيو، ان ۾ پنهنجي پروردگار جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي گهٽ هوندو.