نوشهره – 31 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻوڏ مت??ثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ خيبر پختون خواه?? جي صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار تيز ڪري، ٻوڏ مت??ثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، پوري قوم دل ک??لي مت??ثرين جي امداد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشهره ٻوڏ مت??ثر علائقي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي مردان پل تي ضلعي عملدارن پاران ٻوڏ جي حو??لي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوشهر?? جي علائقي ۾ ٻوڏ سبب اٽڪل هڪ لک 50 هزار ماڻهو مت??ثر ٿيا، ٻوڏ مت??ثرين جي امداد لاءِ 100 امدادي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، ڪئمپن ۾ 25 هزار جي لڳ ڀڳ مت??ثرين موجود آهن، خيبرپختونخواهه حڪومت ٻوڏ مت??ثرين جي لاءِ امدادي رقم ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي، ٻوڏ جي وقت سر اطلاع جي ڪري آبادي کي وقت سر محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو، حفاظتي بند پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ ٻوڏ ريلو برداشت ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻوڏ مت??ثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪري. ٻوڏ مت??ثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. هن چيو ته پوري قوم دل ک??لي مت??ثرين جي امداد ڪري. پاڪستاني قوم سدائين مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀائرن جي دادرسيءَ ڪئي آهي. فوجي ۽ سول ادارن ۽ فلاحي تنظيمن ٻوڏ مت??ثرين جي امداد جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو.