اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي ۽ حمايت ج?? ڀرپور اظهار لاءِ ڀائر ملڪ ترڪيه جا چار جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بي??ن ۾ چيو ته ترڪ حڪومت پاران موڪليل امدادي سامان جي کيپ صدر رجب طيب اردوان جي هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جي هر قسم جي مدد جي عزم جو حصو آهي. پرڏيهي وزارت جي ??مل??ارن انساني امداد کڻي ايندڙ اڏامن جي آجيان ڪئي. ڪراچي ۾ ترڪيه جي قونصل جنرل سيمل سانگو امدادي شيون پاڪستاني ??مل??ارن جي حوالي ڪيون. ترجم??ن موجب امدادي سامان ۾ خيما، دوائون، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو ضروري سامان شامل آهي.