اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايٿوپ??ا جي سفير جمال بيڪر عبدالله چيو آهي ته ايٿوپ??ا جو اسلام آباد ۾ پنهنجي سفارتي مشن جي باضابطا شرو??ات ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ”اي پي پي“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان هڪ قانوني واپاري فريم ورڪ تيار ڪندا جيڪو ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي وڌيڪ ترغيب ڏيندو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 1958ع ۾ قائم ٿيا هئا جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا ۽ عالمي امن ۽ سل??متي ۾ مضبوط تعاون قائم رهيو آهي. ايٿوپ??ا جي سفير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل ۾ به ايٿوپ??ا جي حمايت ڪئي آهي جنهن جي لاءِ اسان پاڪستان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. سي پيڪ ۾ ايٿوپ??ا جي دلچسپي بابت هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بنيادي ڍانچي جي وڏن منصوبن مان هڪ آهي، اهو پاڪستان کي باقي دنيا سان ڳنڍيندو. هن چيو ته گوادر ۽ جبوتي مختصر ترين رستو آهي ۽ اسٽريٽجڪ طور تي اهو پاڪستان کي باقي آفريقا سان ڳنڍي سگهي ٿو. جمال بيڪر عبدالله چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو تحت جبوتي کان اديس ابابا تائين ريلوي جو منصوبو اڳ ۾ ئي کلي چڪو آهي، ايٿوپيا ان جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ سي پيڪ جي منصوبي ۾ خصوصي دلچسپي وٺي رهيو آهي. ايٿوپ??ا جي سفير پاڪستانين جي لاءِ آن ارائيول ويزا پاليسي بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ماڻهن کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جو اهو هڪ طريقو آهي ۽ اهي ايٿوپيا ۾ اچي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته انهن جي ويزا جي عمل کي اپ ڊيٽ ڪيو وڃي جيڪو تيز ۽ اعتماد جوڳو هجي. ان کان اڳ ايٿوپ??ا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير رضوان حسين راميٽو پڻ چيو هو ته ايٿوپيا پاڪستان جي واپارين جي لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي ڪاروباري موقعا ڳولڻ جي لاءِ آساني سان آفريقي ملڪ جو دورو ڪري سگهن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپ??ا جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو اٽڪل 63 ملين ڊالر آهي، ايٿوپ??ا جي پاڪستان کي درآمدات اٽڪل 4.6 ملين ڊالر آهي جڏهن ته ايٿوپيا کي پاڪستان جي برآمدات 38.6 ملين ڊالر آهي. آفريقا 1.2 ارب آبادي جي مارڪيٽ ۽ واپار جو مستقبل هاڻي آفريقا ۽ ايشيا ۾ آهي. ايٿوپيا ۽ پاڪستان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليمي، تعميراتي صنعت، فارماسيوٽيڪل ۽ گارمينٽس سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي. ايٿوپ??ا جي ڪافي ۽ چانهه وڌيڪ سستي آهي جيڪا پاڪستان کي برآمد ڪئي ويندي. اهڙي طرح پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ دواسازي جي برآمدات واپاري ڪاٿي ۾ مددگار ثابت ٿيندي، ايٿوپيا پاڪستان کان دواسازي جي وڏي مصنو??ات برآمدات ڪري رهيو آهي. ايٿوپيا ۾ فيڪٽريون لڳائڻ کانپوءِ برآمدي سامان مختلف آفريقي ملڪن کي موڪلي سگهجي پيو. هن چيو ته اسان کي هڪ قانوني فريم ورڪ ٺاهڻ گهرجي جيڪو سيڙپڪارن کي ترغيب ڏي ۽ اهو ته انهن جي ملڪيتن جي حقن کي پڻ برقرار رکي. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان تعليمي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا ?? انهن جو مشن تعليمي مٽاسٽا شروع ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ڇو ته ان سان نوجوانن جي صلاحيت کي سگهه ملي سگهي ٿي. ايٿوپ??ا جي سفير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پوري دنيا کي پاڪستان سان گڏ بيهڻ گهرجي. ٽائيگري جي معاملي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ايٿوپيا ڳالهين ۽ امن قائم ڪرڻ ذريعي سياسي حل چاهي ٿو، دهشتگرد ٽائيگري پيپلز لبريشن فرنٽ گروپ حڪومتي اپيل کي نقصان پهچايو ۽ اڻوندڙ جنگ کي ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو. سفير چيو ته ايٿوپ??ا جي حڪومت جي اها آئيني ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جو دفاع ۽ تحفظ ڪري. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ٽائيگري پيپلز لبريشن فرنٽ تي آفريقن يونين جي قيادت ۾ امن ڳالهيون جاري رکڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي.