اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏين??ن اسلام آباد ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ جي لاءِ ڊيش بو??ڊ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب ڊيش بو??ڊ جي ذريعي ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ مقامي ۽ عالمي امداد ۽ ان جي ورڇ جي معلومات تائين دنيا جي ڪنهن به حصي مان په?? ممڪن ٿيندي. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۾ معاونت جي لاءِ ويب سائيٽ، هڪ ٺوس فلڊ ريليف مئنيجمينٽ سسٽم، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فيلڊ ورڪرز جي لاءِ ڊيجيٽل ايپليڪيشنز ۽ پاليسي ۽ فيصلاسازي جي لاءِ ايگزيڪيوٽو ڊيش بورڊ پڻ ان فلڊ ريسپانس نظام جو حصو آهي. وزيراعظم ان موقعي ??ي خطاب پڻ ڪندو.