اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش 2022ع اپيل جي شروعات ا??اري تي جنيوا ۾ ٿي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ اها مهم پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن شروع ڪئي آهي. پاڪستان پاران ان مهم ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر شرڪت ڪري رهيا آهن.