واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پا??ست??ن جي سفير مسعود خان لکين ٻوڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فوري فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي بيهڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون سان ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن نيسولر واٽر پلانٽس ذريعي پيڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي فلاحي تنظيم هيومن نيسيسٽي فائونديشن (ايڇ اين ايف) طرفان فنڊ ريزنگ تقريب دوران چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ پا??ست??ن کي عالمي برادري جي فوري ۽ لاڳيتو مدد جي ضرورت آهي. هن تنظيم جي ڊائريڪٽر فوزيه قصوري ۽ ان جي ساٿين جي ڪوششن کي ساراهيندي چ??و ته هو ٻوڏ متاثرن جي انتهائي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪر?? رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ٻوڏ جي ڪر?? 3 ڪر??ڙ 30 لک متاثر ٿيا آهن جيڪي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي آبادي کان به وڌيڪ آهن ۽ پا??ست??ن جي 95 هزار اسڪوائر ميل ايراضي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي وئي جيڪا آمريڪي رياست ڪولورادو جي علائقي کان به وڌيڪ آهي جنهن جي 66 لک ماڻ??ن کي فوري ڌيان جي مدد جي ضرورت آهي. هن پا??ست??ن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن دوران وڏي پئماني تي سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو ۽ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??نين کي به ساراهيو. پا??ست??ني سفير چيو ته هن وقت حقيقي چئلينج ٻوڏ متاثرن جو روزگار، بحالي ۽ تعمير آهي. جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي دوست ملڪن، سرنديءَ وارن ۽ خاص طور تي پا??ست??ني آمريڪي ڪميونٽي جي لاڳيتي مدد جي ضرورت آهي، جن هميشه مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي.