اسلام آباد– 08 – ??ومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران سينئر صحافين حامد مير، مرتضيٰ سولنگي ۽ وقار ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي ??يو آهي ته عمران خان سياست ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پکيڙي، حڪومت ۾ رهي ??ن صحافين تي حملا ڪيا ۽ هاڻي صحافين تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن. عمران خان سياست ڪري، صحافين جي جان کي خطري ۾ نه وجهي. پنهنجي بيان هن ??يو ته لاشن تي سياست، صحافت تي سياست، عمران خان کي سياسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچي. سياسي مخالفن سان سياسي مخالفت ڪريو، ملڪ دش??ني ته نه ڪريو. هن ??يو ته جيڪو توهان جي خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دش??ن آهي، عمران خان ٽنهي صحافين جا نالا وٺي انهن جي جان خطري ۾ وڌي جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير ??يو ته پورو پاڪستان فارن فنڊيڊ فتني جي ڪوڙ، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ??و، عمران خان ملڪ کي باهه لڳائي، رت وهائي ۽ لاش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي. هن ??يو ته صحافي سوال پڇن ته دش??ن، ايف آءِ اي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پڇي ته دش??ن. هن ??يو ته فارن فنڊيڊ فتنو اڄ تائين پنهنجي خلاف ڪنهن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ??يو.