اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ايراني پرڏيهي وز??ر حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??. پ??ڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظها?? ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ايراني هم منصب امير عبداللهيان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ورجايو.