اسلام ??با?? – 01 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت منعقد ٿيندڙ خصوصي ايلچين جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، هوءَ اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي. پرڏيهي آفيس پار??ن جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ان اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي ملڪ افغانست??ن جي موجوده صورتحال کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ڏس ۾ بحث هيٺ آڻيندا. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير افغانست??ن جي حوالي سان پاڪست??ن جو موقف پيش ڪندي ۽ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان اڳتي وڌڻ جي رستي جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪ??ڻ بابت ڪم ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار۽ خوشحال افغانست??ن جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.