اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ فاشسٽ ۽ نام نهاد سياسي پارٽي کي هر ڪنه?? جي ريڊ لائين عبور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو، پيپلزپارٽي مسلسل ٽن نسلن تائين قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون، جانين جا نذرانا پيش ڪيا پر آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي، اڃان به آئين ۽ جمهوريت جي دفاع لاءِ هر قسم جي قرباني ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ پاڪستا?? جي آئين جي ??ولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينش?? جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اها منهنجي لاءِ ا??زاز جي ??الهه آهي ته آئين بابت عالمي ڪنوينشن کي مخاطب اهيا??، اسان پاڪستا?? جي آئين جي ??ولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيون، آئون دوست ملڪن مان ايندڙ نمائندن کي ڀليڪار ۽ انهن جا ٿورا مڃان ٿو، اسان جا دوست سوچي رهيا هوندا ته ان ملڪ ۾ آيا آهيون جتي آئين کي بار بار پائمال ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ ڇو اسان گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيو?? جيڪي مشڪلاتون اسان ڏٺيون آهن اسان آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا اسان ڪيترن مسئلن مان گذري سرخرو ٿياسي??، اسان بار بار مارشل لاء ۽ ڊڪٽيٽر ڏٺا، اسان اڳ ۾ جنرل ضياءَ ۽ پوءِ مشرف کي منهن ڏنو، پاڪستا?? جي جرئتمند عوام انهن آمرن جو بهادري سان مقابلو ڪيو، پاڪستان ۾ اها جدوجهد پاڪستا?? جي آئين جي ??ري ٿي ۽ ان جو سڄو ڪريڊٽ عوام ڏانهن آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پاڪستا?? جي اقتصاديات، پاڪستان ۾ جمهوريت جي لاءِ مُخالف ڌر ۾ ويهي فيصلو ڪيو، اسان ڏٺو ته ڪيئن اڳوڻي دور ۾ اسا?? جي عورتن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، اسان ٽن نسلن کان جمهوريت جي لاءِ ويڙهه وڙهي پر اسان قانون هٿ ۾ نه کنيو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ٿي ته جيالن پاڻ کي ته باهه لڳائي پر ملڪ کي باهه نه لڳائي، منهنجي ماءُ جڏهن شهيد ٿي ته اسان پنهنجي ليڊر سان گڏ هڪ ماءُ کي وڃايو، محترمه جي سهادت جي وقت ڪارڪن تمام سخت ۽ ڪاوڙ ۾ هئا پر ڪنهن کي انتقام وٺڻ نه ڏنو. هن چيو ته اسان واضح ڪري ڇڏيو ته جمهوريت سڀني کان بهترين انتقام آهي، جڏهن اسان جا ڪارڪن ڪاوڙ ۾ هئا ۽ تڪراري نعرا هنيا ويا ته منهنجي والده جي لاش کي دفنائڻ کان اڳ منهنجي والد پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، اسان تمام گهڻا بدترين مثال ڏٺا، مشڪل حالتون ڏٺيون پر ڪڏهن پاڪستا?? جي آئين کي نه ٽوڙيو، اسان تمام گهڻي ڏک ۾ هئاسين پر ا?? جي باوجود اسان امن سان پيار جو پيغام ڏنو، آئون نه رڳو پنهنجي مهمانن پر عوام سان به معذرتخواهه آهيان ته تاريخ جي مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيا آهيون، هن وقت سياسي مشڪل صورتحال ۾ ڪجهه ماڻهو افراتفري پکيڙي رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو ايمان آهي ته اهي هر قسم جي ظلم جو مقابلو ڪنداسي?? جيڪي دهشتگردي ۽ افراتفري طرف وڃن ٿا، ملڪ کي ظلم ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ملڪ ۾ قانون موجود آهن، هڪ اڳوڻي وزيراعظم نه رڳو قانون کي هٿ ۾ کنيو پر هن آئين کي ٽوڙيو. بي اعتمادي رٿ جي ??ينهن ڊپٽي اسپيڪر هن ايوان ۾ آئين ٽوڙيو. پرڏيهي وزير چيو ته سياسي انتقام جي شائبه جي ??ري آئين ٽوڙيندڙ?? جي خلاف گهيرو تنگ نه ڪيو ويو، اسان مزاحمت ڪري سگهياسين پئي پر سياسي انتقام جي الزام جي ??ري اسان ڪا ڪارروائي نه ڪئي، اسان ان وقت به ڪو ايڪشن نه کنيو جڏهن لاهور کي تحريڪ انصاف جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ تباهي پسند پارٽي پاڪستا?? جي خلاف هٿيار کڻي ڇڏيا آه??، اهي ريڊ لائين ڪراس ڪري رهيا آهن. جهڙي طرح عوام آمرن جو مقابلو ڪيو اهڙي طرح ان جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار شخص جو به مقابلو ڪندي. مون کي اميد آهي اسان جلد ان مشڪل صورتحال مان نڪري اينداسين.