اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي لاءِ ٺوس ترقياتي پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شاهه گل ??فريدي جي قيادت ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي سياسي اڳواڻن جي 7 رڪني ??فد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دا?? پڻ موجود هئا. ??فد مسل?? ليگ (ن) جي انضمام ٿيل ضلعن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن کانپوءِ فاٽا جو قانونسازي جي ذريعي انضمام ممڪن ٿي سگهيو. ??فد وزيراعظم کي ٻڌايو ته گذريل حڪومت جي چار سالن ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن جي ڪري جيڪا منصوبابندي مسل?? ليگ (ن) جي قيادت انهن ضلعن جي حوالي سان ٺاهي هئي ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته موجوده حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم پاڻ انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ خوشحالي کي قومي ترجيح جو درجو ڏي ٿو. ??فد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪندي پشاور ۾ پاڻي جي شديد مسئلي بابت آگاهه ڪيو. ??فد پاڙيسري ملڪ افغانستان سان واڳيل سرحدي علائقن ۾ واپار جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان حوالي سان اهڙن قدمن جي خاطري ڪرائي جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن جي علائقن جي ماڻهن جي زندگي ۾ گڏيل واپار سان بهتري ايندي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم لاڳاپيل عم??دا??ن کي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.